طرابلس – 11 جون (اي پي پي)غزه ويندڙ ڪيترن انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ فلسطين جي حامي شهرين جو قافلو تيونس جي سرحد پار ڪري لبيا ۾ داخل ٿي ويو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان قافلي ۾ اڪثر انگ تيونس جي شهرين جو آهي . اهو قافلو ڪيترن بسن تي ٻڌل آهي . قافلي جي انتظاميه مطابق ان ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ هڪ هزار تائين آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪارڪن رستي ۾ وڌي وڃن . قافلو سومر جي صبح تيونس کان روانو ٿيو هو . قافلي جي انتظاميه جو چوڻ هو ته ڪو امدادي سامان کڻي نٿا وڃون ڇو ته بسن ۽ قافلي ۾ شامل ٻين گاڏين تي امدادي سامان نٿو کڻي وڃي سگهجي . اسان جو مقصد غزه جي گهيراءَ خلاف آواز اٿارڻ آهي ۽ عالمي برادري جو ان پاسي ڌيان ڇڪائڻ آهي ته غزه جي جنگ سٽيل ماڻهن سان سخت غير انساني سلوڪ رکيو ويو آهي . ياد رهي ته ان قافلي ۾ 14 بسن کان علاوه 100 جي لڳ ڀڳ ٻيون گاڏيون به شامل آهن .