گڏيل قومون – 11 جون (اي پي پي ) گڏيل قومن آسٽريا جي شهر گريز ۾ گذريل ڏينهن اسڪول ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا . پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل اسڪول ۾ فائرنگ جي واقعي سبب شديد ڏک ۾ آهي ۽ ان واقعي جي شديد مذمت ڪري ٿو . هن متاثر ڪٽنبن، گريز جي عوام ۽ آسٽريا جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن سمورن زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو . واضع رهي ته گذريل ڏينهن آسٽريا جي ٻئي وڏي شهر گريز جي اسڪول ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. فائرنگ ڪندڙ اسڪول جو21 سالن جو اڳوڻو شاگرد هو جنهن بعد ۾ پنهنجي زندگي جو به خاتمو آڻي ڇڏيو.