اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو قومي اسيمبلي اچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي حڪومتي ميمبرن ايوان ۾ اچڻ تي ڊيسڪون وڄائي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.