اسلام آباد -10 جون (اي پي پي)ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جو مجموعي طور قومي ترقياتي ڳاڻيٽو 4224 ارب روپيا هوندي جنهن ۾ وفاقي حڪومت 1000 ارب روپين جي حصيدار آهي، جڏهن ته صوبائي سالياني ترقياتي پروگرامز تحت 2869 ارب روپيا ۽ رياست جي مختلف ملڪيتي ادارن جي 355 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ شامل آهي. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي مطابق ترقياتي بجيٽ مجموعي بجيٽ جو 5.8 سيڪڙو جڏهن ته مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو 0.6 سيڪڙو جي برابر آهي. اڏام پاڪستان پروگرام تحت حڪومت مختلف ترقياتي منصوبن کي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي، جن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو ڪجهه مالياتي مسئلن باوجود وفاق قومي اهميت جي اهم منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي. ترجيحي رٿائن ۾ ڪوئٽا-ڪراچي شاهراهه اين 25، سکر-حيدرآباد موٽر وي ايم 6، داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، ديا مير ۽ مهمند ڊيمز، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي رٿا ڪي- فور، علامه اقبال انڊسٽريل سٽي ۾ توانائي جي فراهمي، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ آءِ ٽي پارڪس جو قيام، سنڌ ۾ ٻوڏ سٽيل اسڪولن ۽ گهرن جي تعمير ۽ بحالي، بلوچستان ۾ 2022ع واري ٻوڏ کان پوءِ بحالي جا قدم، ٿرڪول ريل رابطن جو قيام، اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال جي تعمير سميت هيپاٽائيٽس سي ۽ شگر جي علاج جي حوالي سان وزيراعظم جي قومي پروگرامز سميت ٻيون اهم رٿائون به شامل آهن. پي ايس ڊي پي مطابق هلندڙ مالي سال لاءِ پي ايس ڊي پي جو ڳاڻيٽو 36 لک 79 هزار 839 ملين روپيا رکيو ويو هو جيڪو ايندڙ مالي سال لاءِ 42 لک 23 هزار 817 ملين روپيا (4224 ارب روپيا اٽڪل) جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي جنهن ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي مختلف منصوبن لاءِ 1105.430 ملين روپيا، ڪيبينيٽ ڊويزن جي منصوبن لاءِ 76386.280 ملين روپيا، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي ڊويزن لاءِ 2783.650 ملين روپيا، ڪامرس ڊويزن لاءِ 50 ملين روپيا، مواصلات ڊويزن (اين ايڇ اي کانسواءِ) 149.150 ملين روپيا، ڊفينس ڊويزن لاءِ 11553.835 ملين روپيا جڏهن ته ڊفينس پروڊڪشن ڊويزن لاءِ 1786 ملين روپيا ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي مختلف منصوبن لاءِ 495.359 ملين روپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي مطابق تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت لاءِ 18580 ملين روپيا، فنانس ڊويزن جي مختلف منصوبن لاءِ 851.580 ملين روپيا، صوبن ۽ خصوصي علائقن لاءِ 253230.109 ملين روپيا جڏهن ته صوبائي منصوبن لاءِ 107785.780 ملين روپيا، خيبر پختونخوا جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ 65444.329 ملين روپيا ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مخصوص علائقن لاءِ 82000 هزار ملين روپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 39488.216 ملين روپيا، هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن لاءِ 15005.801 ملين روپيا، انساني حقن واري ڊويزن لاءِ 23 ملين روپيا، صنعت ۽ پيداوار ڊويزن لاءِ 1904.281 ملين روپيا، سڌ سماءَ واري ڊويزن لاءِ 6026.977 ملين روپيا جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن ڊويزن لاءِ 16227.493 ملين روپيا ۽ بين الصوبائي رابطن واري ڊويزن لاءِ 1179.840 ملين روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن مطابق گهرو ڊويزن جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 12908.444 ملين روپيا، ڪشمير ، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري ڊويزن لاءِ 1800 ملين روپيا، قانون ۽ انصاف واري ڊويزن لاءِ 1912.481 ملين روپيا، سامونڊي معاملن واري ڊويزن لاءِ 3465 ملين روپيا، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق ڊويزن لاءِ 4253.738 ملين روپيا، نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشن ۽ ڪو آرڊينيشن ڊويزن لاءِ 14343.500 ملين روپيا، قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن لاءِ 1676.074 ملين روپيا، پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن 761 ملين روپيا، پارلياماني معاملن واري ڊويزن لاءِ 2500 ملين روپيا، پيٽروليم ڊويزن لاءِ 718.580 ملين روپيا ۽ رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري ڊويزن لاءِ مجموعي طور تي 2095.141 ملين روپيا ۽ خصوصي قدمن وغيره جي لاءِ الڳ سان 21175 ملين روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي. ان کان علاوه ريلويز ڊويزن لاءِ ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي تحت 22415 ملين روپيا، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي ڊويزن لاءِ 650.384 ملين روپيا، روينيو ڊويزن لاءِ 7150 ملين روپيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڊويزن لاءِ 4792.687 ملين روپيا، ايس آءِ ايف سي ڊويزن لاءِ 503.382 ملين روپيا جڏهن ته اسپارڪو لاءِ 5418.523 ملين روپيا ۽ آبي وسيلن واري ڊويزن لاءِ 133424.433 ملين روپين جا ترقياتي فنڊز رکيا ويا آهن. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ پي ايس ڊي پي تحت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) لاءِ 226981.850 ملين روپيا ۽ توانائي ڊويزن (اين ٽي ڊي سي/ پيپڪو) لاءِ 90225.783 ملين رپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي. تفصيلن مطابق رياست جي ملڪيتي ادارن (ايس او ايز) لاءِ 354817 ملين روپيا رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ سالياني ترقياتي پروگرامز تحت صوبن جو حصو 2869000 ملين روپيا هوندو. سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ وفاق جو حصو 1000 ارب روپيا جڏهن ته ساليانو ترقياتي پروگرامز تحت صوبن جو حصو 2869 ارب روپيا ۽ ايس او ايز جو حصو 355 ارب روپيا هوندو.