اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت قومي صحت واري وزارت جي خدمتن جي 22 جاري منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 14 ارب 34 ڪروڙ 35 لک روپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي مطابق آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 2 ارب روپيا، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ بي ايڇ يو جي چئن تعميري منصوبن لاءِ 36 ڪروڙ 47 لک روپيا، بڍاڻا ڪلان ۾ چلڊرين هيلٿ سينٽر جي قيام وارن منصوبن لاءِ 10 ڪروڙ 82 لک روپيا، امام بري ۾ چلڊرين هيلٿ سينٽر جي تعمير واري منصوبي لاءِ 13 ڪروڙ 71 لک روپيا، جي اليون ٿري ۾ جناح اسپتال جي تعمير واري منصوبي لاءِ 20 ڪروڙ روپيا، گولڙه شاهان ۾ ايم اين سي ايڇ سي جي قيام واري منصوبي لاءِ 6 ڪروڙ 26 لک 80 هزار روپيا، آبادي جي حوالي سان ساليانو ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ واري منصوبي لاءِ 10 ڪروڙ روپيا، ترلائي ۾ ڪنگ سلمان بن عبدالعزيز اسپتال جي تعمير واري منصوبي لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا، پاڪستان ۾ داخلا جي پوائنٽس کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف سينٽرل هيلٿ اسٽيبلشمينٽ منصوبي لاءِ 29 ڪروڙ 52 لک 70 هزار روپيا، اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال جي تعمير لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ 10 لک روپيا، ٽي بي، ايڇ آءِ وي ۽ مليريا جي حوالي سان گڏيل مينيجمينٽ يونٽ جي منصوبي لاءِ 20 ڪروڙ روپيا، وفاقي علائقن ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ وارن منصوبن لاءِ 50 ڪروڙ روپيا، ڊرگ ڪنٽرول سيڪشن هيلٿ ڊپارٽمينٽ اسلام آباد سان لاڳاپيل منصوبي لاءِ 26 ڪروڙ 44 لک 20 هزار روپيا، اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال لاءِ اوزارن جي خريداري سان لاڳاپيل منصوبي لاءِ 90 ڪروڙ روپيا، پمز ۾ اسٽروڪس انٽر وينشن ۽ ايلسپنشن آف ڪريٽيڪل ڪيئر منصوبي لاءِ 90 ڪروڙ روپيا، عالمگير وبائن جي تناظر ۾ رابطاڪاري ۽ هيلٿ ورڪ فورس جي ترقي واري منصوبي لاءِ 20 ڪروڙ روپيا، فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ ڪارڊيالاجي ڊپارٽمينٽ جي اپ گريڊيشن جي منصوبي لاءِ 48 ڪروڙ روپيا، انفيڪشن ڊيزيز ليباريٽري جي قيام واري منصوبي لاءِ 10 ڪروڙ روپيا، هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم جي منصوبي لاءِ هڪ ارب روپيا، شگر جي تدارڪ ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي منصوبي لاءِ 80 ڪروڙ روپيا، جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر اسلام آباد جي منصوبي لاءِ 4 ارب روپيا ۽ شيخ زيد پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ لاهور ۾ ريڊيالاجي ڊپارٽمينٽ جي اپ گريڊيشن جي منصوبي لاءِ 2 ڪروڙ روپين جا فنڊز رکيا ويا آهن.