اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع دوران پاور ڊويزن جي 47 جاري منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 90225.783 ملين روپين جا فنڊز رکيا آهن. جن ۾ 72106.914 ملين روپين جي پرڏيهي مدد شامل آهي. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن مطابق اسپيشل اڪنامڪ زون رشڪئي کي بجلي جي فراهمي لاءِ 314.580 ملين روپيا، ڪاسا-1000 تحت تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ 500 ڪي وي جي ايڇ وي ڊي سي ٽرانسميشن منصوبي لاءِ پرڏيهي مدد سان 3000 ملين روپيا، ڄامشورو ۾ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽ لاءِ 4250 ملين روپيا رکيا ويا آهن جن ۾ 1575 ملين روپيا پرڏيهي مدد شامل آهي. اسلام آباد ويسٽ گرڊ اسٽيشن لاءِ پرڏيهي مدد سان 5000 ملين روپيا، تربيلا جي پنجين توسيعي منصوبي سان بجلي حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي مدد ذريعي 840 ملين روپيا، جهمپير ۾ پرڏيهي مدد سان هوا مان بجلي حاصل ڪرڻ لاءِ 800 ملين روپيا، سيالڪوٽ سب اسٽيشن لاءِ پرڏيهي مدد سان 2500 ملين روپيا، وهاڙي سب اسٽيشن جي اپ گريڊيشن لاءِ پرڏيهي مدد سان 2000 ملين روپيا، بجلي جي رسد جي سگهه کي بهتر بڻائڻ لاءِ پروجيڪٽ لاءِ پرڏيهي مدد سان 3150 ملين روپيا، مهمند ڊيم مان 816 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي مدد سان 2000 ملين روپين سميت 47 مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن.