اسلام آباد-10 جون (اي پي پي)ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ صحت واري وزارت لاهور جي شيخ زيد پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ ريڊيولاجي جي شعبي جي اپ گريڊيشن جي منصوبي لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت 20 ملين روپين جي بجيٽ رکي آهي. ڪالهه جاري پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب منصوبي تي مجموعي طور 1838 ملين روپيا لاڳت ايندي جڏهن ته 30 جون تائين منصوبي لاءِ 1837.931 ملين روپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جو ڪاٿو آهي. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 20 ملين روپين جو ترقياتي بجيٽ رکيو ويو آهي.