اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هاڻي ٽيڪ آف جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي، سمورا اقتصادي انگ اکر اطمينان جوڳا آهن، روايتي جنگ ۾ ڀارت کي هارائڻ کانپوءِ معاشي ميدان ۾ به ان کان اڳتي نڪرڻو آهي، پوري قوم هڪ جان ۽ ٻه دل آهي، اهڙا موقعا صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، پاڪستان جي حصي جي پاڻي جو هڪ هڪ ڦڙو وٺي رهنداسين، ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه آهي، پگهاردار طبقي معاشي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سرنديءَ وارن ۽ دولتمند طبقي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي عيد ۽ حاجين کي حج جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي شديد مذمت ڪندي چيو ته فلسطين ۾ جاري ڏاڍ موجوده دور جو بدترين ظلم آهي، عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته بيگناهه ٻارن، ٻارڙين ۽ معصوم مسلمانن جو رت وهايو پيو وڃي، ان کان اڳ موجوده دور ۾ اهڙو ظلم نه ڏٺو. هن چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام کي آزادي ضرور ملندي. وزيراعظم فلسطيني ۽ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان جي عوام ڪشميري ۽ فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندي. وزيراعظم وفاقي ڪابينا ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سوا سال دوران حڪومت ۽ عوام سنگين حالتن ۽ چئلينجز کي منهن ڏنو، عام ماڻهو ۽ پگهاردار طبقي معاشي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پگهاردار طبقي گذريل بجيٽ ۾ جيڪو بار کنيو ۽ 400 ارب رپيا قومي خزاني ۾ ڏنا، اهو معاشري جي سرنديءَ وارن ۽ دولتمند طبقي جي لاءِ هڪ سوال آهي ته انهن پنهنجو ڪيترو حصو وڌو، پگهاردار طبقي جي قربانين، محنت ۽ ڪوششن جي ڪري پاڪستان اڄ اهڙي مقام تي بيٺل آهي جتان هو ٽيڪ آف جي پوزيشن ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته معيشت ۾ استحڪام جا مثبت انگ اکر سامهون آيا آهن، مهانگائي جي شرح ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ پڻ وڏو اضافو ٿيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته موجوده بجيٽ ۾ معاشي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان تازي روايتي جنگ ۾ اهڙي دشمن کي شڪست ڏني آهي جيڪو چوندو هو ته اسان جي پاڪستان سان ڪا ڀيٽ نه آهي، معاشي ميدان ۾ به ڀارت کي شڪست ڏينداسين، جنون ۽ تڙپ هجي ته ڪجهه ناممڪن نه آهي، سڀني کي گڏجي ڏينهن رات محنت سان اڳتي وڌڻو آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ڪاميابين ۾ سمورن ادارن ڪردار ادا ڪيو، هاڻي موقعو اچي ويو آهي ته اسان سڀ گڏجي اڳتي وڌون، پوري قوم هڪ جان ۽ ٻه دل آهي، صدين ۾ اهڙا موقعا پيدا ٿيندا آهن، ان لمحي کي ضايع ناهي ڪرڻو، ان مان فائدو کڻڻو آهي، ڀارت جنگ ۾ شڪست کانپوءِ پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي حصي جو هڪ هڪ ڦڙو وٺي رهنداسين، ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪنداسين، نه ڀارت کي اسان جي حصي جو پاڻي روڪڻ جو ڪو حق آهي نه ئي هو ائين ڪري سگهي ٿو، چئني صوبن سان گڏجي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، اسان ان محاذ تي به ڪامياب ٿينداسين. وزيراعظم بجيٽ جي حوالي سان ناڻي واري وزارت سميت سمورين وزارتن جي محنت کي ساراهيو.