اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 26-2025ع لاءِ وفاقي بجيٽ (اڄ) اڱاري تي پيش ڪندي. ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندو. نئين مالي سال جي بجيٽ معيشت جي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ عوامي اميدن کي نظر ۾ رکندي جامع ۽ مربوط اقتصادي روڊ ميپ جي صورت ۾ ترتيب ڏني وئي آهي. ذريعن مطابق مالي سال 26-2025ع جي وفاقي بجيٽ جي تياري مقرره نظام ۽ وقت مطابق ڀرپور انداز ۾ جاري رهي جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل وزارتن، کاتن ۽ حصيدار ادارن سان ويجهي رابطي ۽ بين الاداره جاتي هم آهنگي کي يقيني بڻايو ويو. بجيٽ جي تياري واري عمل ۾ شفافيت، مشاورت ۽ شموليت کي بنيادي اصولن طور اختيار ڪيو ويو. ناڻي وارو وفاقي وزير بجيٽ سازي جي عمل دوران مختلف واپاري تنظيمن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ اقتصادي ماهرن سان مشاورتي ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران معيشت جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل مسئلن، تجويزن ۽ انهن جي حل تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. وفاقي وزير سڀني حصيدارن کي خاطري ڪرائي ته عمل جوڳي ۽ حقيقت پسنداڻين تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ معيشت جي بنيادي اهڃاڻن جي استحڪام ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط قدم تجويز ڪيا ويندا. محصولن جو دائرو وڌائڻ، ٽيڪس جي دائري ۾ واڌ ۽ غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس قدم به بجيٽ جو حصو هوندا، مهانگائي ۾ گهٽتائي، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ جي نظام کي هٿي ڏيڻ بجيٽ جي اهم ترجيحن ۾ شامل هوندا. بجيٽ ۾ زرعي شعبي کي جديد رخن تي آڻڻ، ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ ۽ ويليو چين جي بهتري لاءِ مربوط قدم تجويز ڪيا ويندا. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ م آءِ ٽي انڊسٽري کي عالمي معيار تي وٺي وڃڻ ۽ روانگي واپار ۾ نمايان واڌ ڪرڻ لاءِ پاليسي قدمن کي شامل ڪيو ويندو. اهڙي طرح بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.