اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي کي اپ گريڊ ڪرڻ، پاليسين ۾ سڌارن ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي فائيو جي سروسز جي شروعات طرف تيزي سان اڳڀرائي ڪري رهي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن جاري ڪيل اقتصادي سروي موجب پي ٽي اي فائيو جي جو بنياد رکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ٽيلي ڪام جي آپريشنز کي هموار بڻائڻ جي لاءِ نوان قانون ٺاهڻ شامل آهي. فائيو جي جي تيز رفتار ۽ گهٽ دير جي مطالبن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ٽيلي ڪام ڪمپنيون پنهنجي نظام کي بهتر بڻائي رهيون آهن ۽ پنهنجي سروس کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ فائبر آپٽڪ نيٽ ورڪس کي وڌائي رهيون آهن. پي ٽي اي موبائيل ڪمپنين کي اي بينڊ اسپيڪٽرم پڻ ڏنو آهي ته جيئن اهي پنهنجي سسٽمز کي فائيو جي جي تياري لاءِ جانچي سگهن. اهي ٽرائلز اڳ ۾ ئي جاري آهن. حڪومت انٽرنيشنل موبائيل ٽيلي ڪميونيڪشن (آءِ ايم ٽي) اسپيڪٽرم جاري ڪرڻ جي نگراني جي لاءِ هڪ مشاورتي ڪميٽي قائم ڪئي آهي. فريڪوئنسي ايلوڪيشن بورڊ (ايف اي بي) مستقبل جي نيلامين جي لاءِ مخصوص اسپيڪٽرم بينڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان عمل جي رهنمائي جي لاءِ پي ٽي اي هڪ عالمي ماهر جون خدمتون حاصل ڪيون آهن ته جيئن اهو مشورو ڏي ته نيلامي کي ڪيئن سرانجام ڏنو وڃي ۽ هڪ مضبوط لاڳو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي. مشاورتي ڪميٽي ڪنسلٽنٽ جي مشوري جو جائزو وٺندي ۽ ملڪ کي فائيو جي دور ۾ وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪندي، جنهن سان تيز انٽرنيٽ آڻڻ، معيشت کي فروغ ڏيڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي لاءِ نوان دروازا کولڻ جي اميد آهي.