اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وزارت جي ماتحت ادارن پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريديو پاڪستان) جاري مالي سال 25.-2024ع دوران ميڊيا جي شعبي ۾ نمايان ترقي ۽ سڌارا ڪيا آهن. اقتصادي سروي 25-2024ع مطابق پيمرا نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ريگيوليشن، ترقي ۽ هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 331 مارچ 2025ع تائين پاڪستان ۾ 139 سيٽلائيٽ ٽي وي چينلز کي لائسنس جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ نئون چينل شامل ٿيو آهي. ايف ايم ريڊيو لائيسنز جو تعداد 242 تائين پهچي ويو آهي جنهن ۾ 171 ڪمرشل ۽ 71 غير واپاري آهن. اهڙي ريت 31 مارچ 2025ع تائين 3650 ڪيبل ٽي وي جا لائسنس جاري ڪيا ويا جن ۾ 40 نوان ڪيبل ٽي وي لائيسنس به شامل آهن. پيمرا 31 مارچ 2025ع تائين مجموعي طور 3 موبائيل ٽي وي جا لائيسنس، 34 لينڊنگ رائيٽس پرميشن، 36 آءِ پي ٽي وي جا لائسنس، هڪ ڊي ٽي ايڇ ۽ هڪ ٽيلي پورٽ (براڊ ڪاسٽ) لائسنس جاري ڪيا. ميڊيا جي آزادي کي هٿي وٺائڻ ۾ پيمرا جو فعال ڪردار رهيو آهي. اقتصادي سروي 25-2024ع موجب پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن قومي ۽ عالمي معاملن تي عوام کي باخبر رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پي ٽي وي جي موجوده 7 چينلز پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيوز، پي ٽي وي اسپورٽس، پي ٽي وي گلوبل، پي ٽي وي نيشنل، پي ٽي وي بولان ۽ پي ٽي وي ورلڊ ملڪي ۽ عالمي سطح تي نشريات فراهم ڪري رهيون آهن. پي ٽي وي ورلڊ پاڪستان ۾ انگريزي ٻولي ۾ نشر ڪندڙ پهريون واحد نيوز چينل آهي. پي ٽي وي جو دائرو ملڪ جي 100 سيڪڙو آبادي کي ڪور ڪري ٿو، پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ٽي وي سيٽ هولڊرز جو انگ 31 مارچ 2025ع تائين 26054120 آهي. مالي سال 25-2024ع ۾ پي ٽي وي جي 2 منصوبن لاءِ حڪومت مجموعي طور تي 1130.52 ملين روپيا رکيا جن ۾ نيشنل فلم پروڊڪشن انسٽيٽيوٽ جو قيام ۽ ري ويمپنگ آف پي ٽي وي سي شامل آهن. اقتصادي سروي 25-2024ع موجب ريڊيو پاڪستان قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرامز نشر ڪيا. رمضان المبارڪ ۾ خصوصي ديني پروگرامز ۽ يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي 7 ڏينهن واري نشرياتي مهم پڻ هلائي، مالي سال 25-2024ع دوران پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن کي مجموعي طور تي 6413 ملين روپيا جاري ڪيا ويا جن مان 500 ملين روپين جا واڌو فنڊ پڻ شامل آهن. هن وقت ۾ پي بي سي تحت 5 ترقياتي منصوبا پڻ جاري آهن جن ۾ 529 ملين روپين جي لاڳت سان صورت القرآن ايف ايم نيٽ ورڪ فيز ٿري جو قيام، 1540 ملينر وپين جي لاڳت سان خضدار ۾ 300 ڪلوواٽ ٽرانسميٽر جي تبديلي ۽ اپگريڊيشن جي منظوري، ڪوئيٽا ۾ 1068.982 ملين روپين جي لاڳت سان 100 ڪلوواٽ ٽرانسميٽر جي تبديلي ۽ اپگريڊيشن، خيرپور ۾ 878.173 ملين روپين جي لاڳت سان ميڊيم ويو سروسز جي بحالي، 3850 ملين روپين جي لاڳت سان روات ٽرانسميٽنگ اسٽيشن جي اپ گريڊيشن، ٽرانسميٽرز جي بهتري ۽ جدت شامل آهي. اقتصادي سروي ۾ چيو ويو آهي، ته پاڪستان حڪومت اليڪٽرانڪ ميڊيا جي شعبي ۾ نواڻ، آزادي اظهار ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.