اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 25-2024ع موجب جاري مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ٽيڪس محصولن ۾ 25.8 سيڪڙو ۽ نان ٽيڪس محصولن ۾ 68 سيڪڙو جي نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل قومي اقتصادي سروي موجب مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ٽيڪس محصولن جو ڳاڻيٽو 9.14 ٽريلين روپيا ۽ نان ٽيڪس محصولن جو ڳاڻيٽو 4.23 ملين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال جي هن عرصي جي ڀيٽ ۾ ترتيبوار 25.8 سيڪڙو ۽ 68 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙي طرح جاري خرچن ۾ مجموعي طور تي 18.3 سيڪڙو جي شرح سان اوسر ٿي. جاري خرچن جو ڳاڻيٽو 14.59 ٽريلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي انهي عرصي ۾ 12.3 ٽريلين روپيا هو. ترقياتي خرچن ۾ 32.6 سيڪڙو جي شرح سان واڌ ٿي. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ترقياتي خرچن جو ڳاڻيٽو 1.54 ٽريلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جي ڊي پي جي تناسب سان مالي خساري جي شرح 2.6 سيڪڙو رهي جڏهن ته مجموعي قومي پيداوار جي تناسب سان پرائمري فاضل 3 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي. سروي موجب جولاءِ کان مئي تائين جي مدي ۾ ايف بي آر جي محصولن جو ڳاڻيٽو 10.23 ٽريلين رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي 8.12 ٽريلين جي ڀيٽ ۾ 25.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي.