اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان جي معيشت کي پائيدار بنيادن تي بيهارڻ ۽ پاڻ ڀرپور ڪرڻ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ بنيادي نوعيت جا سڌارا اڻٽر هئا، حڪومت مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا ته جيئن معيشت جي ”ڊي اين اي“ کي تبديل ڪري سگهجي. گذريل ڏينهن قومي اقتصادي سروي جاري ڪندي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان وقتي رليف کان هٽي معيشت جي بنيادي ڍانچي کي درست ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. انهي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا محصولن جي دائري ۾ واڌ ۽ ادارا جاري ڪارڪردگي ۾ بهتري ضروري هئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب هن وقت گذريل 5 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪو آهي، جيڪو حڪومتي معاشي پاليسين جي ڪاميابي ۽ ٽيڪس نيٽ جي پکيڙ جو اهڃاڻ آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب ٻڌايو ته حڪومت فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اداره جاتي سڌارا ڪيا آهن. جن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي وٺائڻ، ٽيڪس آڊٽ جي اثرائتي نظام، نان فائيلرز خلاف ڪارروائي، ريٽيل ۽ ڪاروباري شعبي جي بهتري رجسٽريشن شامل آهي. هن چيو ته اهي قدم نه رڳو محصولن ۾ واڌ جو سبب بڻيا آهن پر عوامي اعتماد ۾ به واڌ ٿي آهي.