ملڪ جو واپاري خسارو مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ 21.3 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو: قومي اقتصادي سروي

اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ملڪ جو واپاري خسارو مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ 21.3 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو. قومي اقتصادي سروي موجب جولاءِ کان اپريل تائين پاڪستان جو واپاري خسارو 21.3 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي ۾ 18 ارب ڊالرز هو. مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ واڌ جي شرح 6.8 سيڪڙو …

اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ملڪ جو واپاري خسارو مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ 21.3 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو. قومي اقتصادي سروي موجب جولاءِ کان اپريل تائين پاڪستان جو واپاري خسارو 21.3 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي ۾ 18 ارب ڊالرز هو. مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ واڌ جي شرح 6.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي ابتڙ آمدني واپار 11.8 سيڪڙو واڌ ٿي. خدمتن جي شعبي جو واپاري خسارو 2.5 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ آمدني واپار ۾ 9.3 سيڪڙو ۽ روانگي واپار ۾ 7.9 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. سروي موجب ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ جولاءِ کان اپريل تائين روانگي واپار ۾ 8.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ ٽيڪسٽائيل جي شعبي جو روانگي واپار 14.8 ارب ڊالرز جي سطح تي پهچي ويو. اقتصادي سروي جي انگن اکرن موجب تماڪ جي روانگي واپار ۾ 143.1 سيڪڙو واڌ رڪارد ڪئي وئي. ان کان علاوه ٽينٽ، ڪينوس جي روانگي واپار ۾ 11.7 سيڪڙو جڏهن ته بيڊويئرز جي روانگي واپار ۾ 12.2 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي.