اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ معاشي استحڪام سان مهانگائي جي شرح ۾ جاري مالي سال دوران نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل قومي اقتصادي سروي 25-2024ع موجب مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 4.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا گذريل مالي سال جي انهي عرصي ۾ 26 سيڪڙو هئي، شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح گذريل سال 26.3 سيڪڙو کان گهٽجي 5.7 سيڪڙو ٿي وئي. شهري علائقن ۾ خوراڪ جي مهانگائي جي شرح گذريل سال جي 26.8 سيڪڙو جي سطح کان گهٽ ٿي جاري مالي سال ۾ 1.1 سيڪڙو ۽ نان فوڊ مهانگائي جي شرح گذريل سال جي 25.9 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 9.1 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ خوراڪ جي مهانگائي جي شرح گذريل سال جي 26.5 سيڪڙو جي بلند ترين سطح کان گهٽجي جاري مالي سال ۾ ڪاٽو 1.5 سيڪڙو جڏهن ته نان فوڊ ناڻي واڌ جي شرح گذريل سال جي 24.5 سيڪڙو جي سطح کان گهٽجي 8.3 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي. شهري علائقن ۾ بنيادي ناڻي واڌ جي شرح جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ 8.8 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا گذريل مالي سال ۾ 16.9 سيڪڙو هئي. اهڙي طرح ٻهراڙي جي علائقن ۾ بنيادي ناڻي واڌ جي شرح گذريل سال 24 سيڪڙو هئي جيڪا هلندڙ سال جي پهرين 10 مهينن مان گهٽجي 11.6 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي. ايس پي آءِ گذريل سال جي 30.2 سيڪڙو جي سطح کان گهٽجي 4.9 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي. اهڙي طرح هول سيل پرائس انڊيڪس گذريل سال جي 22.4 سيڪڙو جي سطح کان گهٽ ٿي هلندڙ سال 2.2 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي.