وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ عبدالعليم خان سان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد-08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق،تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ٽيليفونڪ رابطو ڪري عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب سمورن اڳواڻن وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وزيراعظم کي عيدالاضحيٰ جون …

اسلام آباد-08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق،تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ٽيليفونڪ رابطو ڪري عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب سمورن اڳواڻن وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وزيراعظم کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.