اسلام آباد-08 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي بحرين جي گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل راشد بن عبدالله الخلفيه ٽيليفون ڪيو ۽ گهرو وزير محسن نقوي ۽ پاڪستاني عوام کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب بحرين جي گهرو وزير، گهرو وزير محسن نقوي ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان اوهان جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون. گهرو وزير محسن نقوي به بحرين جي گهرو وزير ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي بحرين سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن تي بحرين جي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.