اسلام آباد-08 جون (اي پي پي) حڪومت مالي سال 26-2025ع جو بجيٽ 10 جون اڱاري ڏينهن پارليامينٽ ۾ پيش ڪندي، جنهن ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، ترقي تي ٻڌل سڌارن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوام جي سماجي ۽ اقتصادي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تي ڌيان ڏنو ويندو. ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجيٽ پيش ڪندو. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ ملڪي ۽ عالمي محاذن تي معيشت کي درپيش موجوده چئلينجز کي نظر ۾ رکندي جوڙيو ويو آهي. عوام جي مسئلن ۾ گهٽتائي، زرعي شعبي جي جديد رخن تي تبديلي، آءِ ٽي کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافو، بجيٽ دستاويز جو بنيادي ۽ مرڪزي نقطو هوندو. بجيٽ ۾ مالياتي انتظام کانسواءِ روينيو موبيلائيزيشن، معاشي استحڪام ۽ اوسر جا قدم، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي لاءِ عوام دوست پاليسيون به شامل هونديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته مالي سال 26-2025ع جي وفاقي بجيٽ جي اعلان جون تياريون مقرر ٽائيم لائنز موجب جاري آهن. ٻئي پاسي ملڪي معيشت جي صورتحال پيش ڪندڙ هڪ اهڪ ترين بجيٽ دستاويز اڪنامڪ سروي آف پاڪستان اڄ سومر تي جاري ڪيو ويندو.