اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي 2 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم پختو رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جي 2 دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. صدر چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. صدر چيو ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم پختو رهندو. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.