اسلام آباد-06 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي 2 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. محسن نقوي فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته فتنه …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران ضلعي ڪڇي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين
اسلام آباد-06 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي 2 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. محسن نقوي فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. گهرو وزير چيو ته بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف آپريشنز ڪاميابي سان جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز بهادريءَ سان فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي ناس ڪري رهي آهي. محسن نقوي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندا. بهادر سيڪيورٽي فورسز تي قوم کي فخر آهي.












