راولپنڊي-06 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڪڇي جي علائقي ڪول پور ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جا 2 دهشتگرد ماري ڇڏيا. ڪالهه پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڪڇي جي علائقي ڪول پور ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ هندستاني پراڪسي فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگيءَ جو اطلاع هو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو مؤثر طريقي سان گهيرو ڪيو جنهن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 هندستاني حمايت يافته دهشتگرد ماريا ويا. فتنه الهندستان جي ماريل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود هٿ آيو جيڪي علائقي ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪنهن ٻئي دهشتگرد جي موجودگيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي حمايت يافته دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ قوم جي پُختي عزم جي تصديق ڪري ٿو.