لنڊن-05 جون (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات اڄ جمعي تي ٿيندي، پهرين ميچ ريور سائيڊ گرانڊ، چيسٽرلي اسٽريٽ ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ انگلينڊ جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم 3 هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن جي سيريز ۾ 3-0 سان ڪلين سوئيپ ڪيو آهي.انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) موجب مهمان ويسٽ انڊيز جي قومي ٽيم پنهنجي انگلينڊ جي دوري دوران انگلينڊ جي ٽيم خلاف 3 هڪ ڏينهن واري عالمي ميچ جي سيريز کانسواءِ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز به کيڏندي، ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي جيڪا ميزبان انگلينڊ جي ٽيم 3-0 تان کٽي اهي. ون ڊي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ويسٽ انڊيز جي ٽيم چيسٽرلي اسٽريٽ پهچندي جتي هو ميزبان انگلينڊ خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 6 جون تي کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي ٻي سيريز جي ميچ 8 جون جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 10 جون تي کيڏي ويندي.