لنڊن -02 جون (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 3 جون تي ڪيننگٽن اوول، لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ميزبان انگلينڊ جي ٽيم کي مهمان ويسٽ انڊيز جي ٽيم خلاف 3 ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي، ون ڊي سيريز مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ويسٽ انڊيز جي ٽيم چيسٽر لي اسٽريٽ پهچندي جتي هوءَ ميزبان انگلينڊ خلاف 3 ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 6 جون تي کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ 8 جون تي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 10 جون تي کيڏي ويندي. ٽنهي ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ۽ ٽين ميچ نائيٽ هوندي جڏهن ته ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ڊي هوندي.