اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) قومي هيرو ارشد نديم ايشين ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو. فائنل مقابلي ۾ ارشد نديم پنهنجي آخري ٿرو 86.40 ميٽر ڊگهي اڇلائي جڏهن ته فائنل ۾ ڀارت جو سچن ياديو ٻي نمبر تي رهيو. اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ جيولن ٿرور ارشد نديم ايشين ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ به گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو. ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيل چيمپئن شپ جي فائنل ۾ پاڪستان جي ياسر سلطان پهرين 70.53ميٽر جي ٿرو ڪئي، ياسر جي ٻي ٿرو 75.39 ميٽر رهي جڏهن ته ٽئين ڪوشش ۾ ياسر سلطان 75.50 ميٽر جي ٿرو ڪئي. پاڪستان جي ارشد نديم پهرين ٿرو 75.64 ميٽرو تي اڇلائي جڏهن ته ٻي ڪوشش ۾ ان جي ٿرو 76.80 ميٽر رهي، ارشد نديم ٽئين ڪوشش ۾ 85.57ميٽرن جي ٿرو ڪئي، چوٿين ڪوشش ۾ 83.99 ميٽرن جي ٿرو اڇلائي ۽ گولڊ ميڊل جو حقدار قرار ڏنو ويو. ايشين ايٿليٽڪس جي تاريخ ۾ 1973ع کانپوءِ پاڪستان پهريون گولڊ ميڊل کٽيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان هن ايونٽ ۾ 1973ع ۾ آخري ڀيرو گولڊ ميڊل کٽيو هو. 1973ع ۾ فلپائن ۾ ٿيل مقابلن ۾ پاڪستان جيولن ٿرو ۽ 800 ميٽر ريس جا گولڊ ميڊل کٽيا هئا جنهن ۾ 800 ميٽر ريس جو گولڊ ميڊل محمد يونس ۽ جيولن ٿرو جو گولڊ ميڊل الله داد کٽيو هو. ارشد نديم ايشين ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ گولڊ ميڊل کٽندڙ پهرئين پاڪستاني جو به اعزاز حاصل ڪري ورتو.