اسلام آباد _29 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن عالمي ٽي ٽونٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 30 مئي جمعي ڏينهن کيڏيو ويندو. اهو ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق رات 8 وڳي قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ شروع ٿيندو ۽ ميچ رات وارو هوندو جيڪو فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان جي ٽيم کي مهمان بنگلاديش جي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز 1-0 جي سرسي حاصل آهي. ميزبان پاڪستان جي ٽيم پهرين ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 37 رنسن تان شڪست ڏني هئي. بنگلاديش جي ٽيم پاڪستان جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي ٽونٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. جنهن جو پهريون ميچ کيڏيو ويو آهي جيڪو گرين شرٽس کٽي ورتو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز جو ٻيو ميچ 30 مئي تي کيڏيو ويندو. بنگلاديش جي ٽيم لٽن داس جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي، آل رائونڊر مهدي حسن نائب ڪپتان هوندو. جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ نجم الحسن شانٽو، پرويز حسن، راشد حسين، سوميا سرڪار، شميم حسين، حسن محمود، شرفل الاسلام ۽ تنوير اسلام شامل آهن. پاڪستان جي ٽيم کي سلمان علي آغا ليڊ ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان، صائم ايوب، حسن نواز، عرفان خان شامل آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيُون ۽ آخري ٽي ٽونٽي ميچ پهرين جون تي کيڏيو ويندو. ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز جا سمورا ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا. ٽئي ميچ نائٽ هوندا ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏيا ويندا.