روم _ 29 مئي (اي پي پي) ميڪسيڪو جي سائيڪلسٽ آئزڪ ڊيل ٽورو گيرو ڊي اٽاليه سائيڪل ريس جو 17 هون مرحلو کٽي ورتو. 21 سالن جي آئزڪ ڊيل ٽورو جي اها گيرو ڊي اٽاليه ريس ۾ پهرين اسٽيج فتح آهي. البانيه ۾ گيرو ڊي اٽاليه جو 108 هون ايڊيشن جاري آهي جنهن ۾ سائيلڪنگ جي دنيا جا مشهور سائيڪل سوار ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. گروڊي اٽاليه سائيڪل ريس جي 17 هين مرحلي ۾ سائيڪل سوارن سان مشيل آل اڊيج کان بورميو تائين جو فاصلو طئي ڪرڻو هو جيڪو جابلو رستي تي 155 ڪلو ميٽر تي ٻڌل هو. ميڪسيڪو جي21 سالن جي آئزڪ ڊيل ٽورو شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي 155 ڪلوميٽر جو فاصلو 3 ڪلاڪ 58 منٽ ۽ 48 سيڪنڊز ۾ طئي ڪري 17 هين مرحلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي . 34 سالن جو فرانسيسي سائيڪل سوار رومين بارڊيٽ ٻئين جڏهن ته ايڪواڊور جي 31 سالن جي سائيڪل سوار رچرڊ ڪاراپاز ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.