واشنگٽن- 27 مئي (اي پي پي) پهريون وومين ڪلب فٽبال ورلڊ ڪپ ايندڙ سال جنوري ۾ شروع ٿيندو ۽ فيبروري ۾ ختم ٿيندو. عالمي فٽبال تنظيم فيفا پڻ باضابطه طور تي ان جي تصديق ڪئي آهي. 16 ٽيمن جو ٽورنامينٽ هر چئن سالن ۾ منعقد ٿيندو ۽ يورپي ليگز جي ڊوميسٽڪ سيزن جي آخر ۾ ۽ وومين چيمپئينز ليگ جي گروپ اسٽيج ۽ ناڪ آئوٽ رائونڊ وچ ۾ ٿيندو. آمريڪا جي نيشنل وومين ساڪر ليگ عام طور تي مارچ ۾ شروع ٿيندي آهي. فيفا شروعاتي طور تي اعلان ڪيو هو ته وومين ڪلب ورلڊ ڪپ ڊسمبر 2022 ۾ منعقد ٿيندو پر بينڪاڪ ۾ فيفا ڪانگريس ايونٽ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جيڪو هاڻي جنوري 2026 ع ۾ شروع ٿيندو. بارسلونا موجوده يورپي چيمپيئن آهي، نيو يارڪ گوتم ايف سي موجوده اين ڊبليو ايس ايل چيمپيئن آهي ۽ برازيلين سائيڊ جي ٽيم ڪورٿينس ڪوپا لبرٽادورس فيمينينا هولڊر آهي. فيفا ڪانگريس 29-2026 ع لاءِ هڪ نئين عالمي ميچ ڪئلينڊر جي منظوري پڻ ڏني، جنهن جو مقصد رانديگرن کي آرام۽ صحتيابي جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ آهي.