اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن عالمي ٽي ٽونٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ 28 مئي تي کيڏيو ويندو. اهو ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق رات 8 وڳي قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ شروع ٿيندو. ميچ نائٽ هوندو ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏيو ويندو. بنگلاديش جي ٽيم جي اڳواڻي لٽن داس ۽ پاڪستان جي ٽيم کي سلمان علي آغا ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻيو ميچ 3 مئي تي کيڏيو ويندو جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ٽي ٽونٽي ميچ پهرين جون تي کيڏيو ويندو. ٽن ٽي ٽونٽي سيريز جا سمورا ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا. ٽئي ميچون نائٽ هوندا ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏيا ويندا.