اسلام آباد-24مئي (اي پي پي) ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس  27 مئي اڱاري تي منعقد ٿيندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ذوالحج 1446 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس  مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت، ڪوهسار بلاڪ اسلام آباد جي ڇت تي انشاالله 27 مئي 2025ع تي اڱاري ڏينهن شام 6:30 وڳي منعقد ٿيندو. ٻين زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻين ڪميٽين جا اجلاس پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل هنڌن تي هڪ ئي وقت منعقد ٿيندا. سينٽرل ڪميٽي جا ميمبر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا ۽ زونل ۽ ضلعي ڪميٽين جا ميمبر پنهنجي هيڊڪوارٽرن تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا