اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته اثرائتي سفارتڪاري جو بنياد گڏيل همدردي، تفهيم ۽ نيڪ نيتي تي ٻڌل ڳالهين تي هئڻ گهرجي. پائيدار امن جو قيام سڄي دنيا جي وقار جي احترام ۽ تڪرارن جي ترجيحي حل سان ئي ممڪن آهي. وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پارلياماني خدمتن بابت پاڪستان انسٽيٽيوٽ ۾ منعقد هڪ پينل سيشن جنهن جو عنوان ”اختلاف نه، ڳالهيون: آمريڪا- پاڪستان لاڳاپن ۾ تڪرار ن جو حل، سفارتڪاري ۽ قانون جي حڪمراني“ ۾ شرڪت ڪئي. ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس سينئر سفارتڪارن، پاليسي ماهرن ۽ حڪومتي عهديدارن جي موجودگي ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ عالمي ۽ علائقائي تڪرارن جي پرامن حل ۽ اصولي سفارتڪاري جي اهميت تي ڳالهيون ڪيون ويون. پينل کي خطاب ڪندي وفاقي وزير تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان هڪ طرفه جارحيت جو مسلسل نشانو بڻجندو رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته ڀارت طرفان نه رڳو شهري علائقن کي نشانو بڻايو ويو پر آبي ٺڪاڻن تي به حملا ڪيا ويا ، جن جي نتيجي ۾ معصوم شهرين جو جانيون ضايع ٿيون، انهن حالتن ۾ پاڪستان کي مڪمل حق حاصل هو ته هو ان شدت سان جواب ڏئي پر پاڪستان عالمي ذميواري جو مظاهرو ڪندي رڳو فوجي هدفن تائين پنهنجي ڪارروائي محدود رکي. وفاقي وزير ان ڳالهه به نشاندهي ڪئي ته ڀارت جي عسڪري حڪمت عملي اسرائيلي طرز فڪر سان هڪجهڙائي رکي ٿي جنهن کي جارحاڻا دفاع جي اصول تحت لاڳو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ان روئي جي جهلڪ عالمي سطح تي مختلف رياستن ۾ به نظر اچي ٿي جيڪي پنهنجي بالادستي قائم رکڻ لاءِ جارحيت کي تحفظ جو نالو ڏين ٿيون. ايٽمي صلاحيت بابت سوال جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي دفاعي تياري تي سوال غير ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو اهي، ته هو ڪنهن به جارحيت جو جواب روائتي عسڪري ذريعن سان اثرائتي انداز ۾ ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو ۽ ان حوالي سان ڪنهن به ابهام جي ڪا گنجائش ناهي، وفاقي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان جي پهرين ترجيح علائقائي ۽ عالمي امن جو قيام آهي. هن چيو ته عالمي قانون، عدم جارحيت ۽ اصولي ڳالهين جي بنياد تي ئي دنيا هڪ مستحڪم ۽ پرامن مستقبل ڏانهن وڌي سگهي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سياسي ۽ ماحولياتي اصولن تي ٻڌل هڪ نئون عالمي اتفاق راءِ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن امن، استحڪام ۽ ڌرتي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.