اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان (سي سي پي) خانگي ڪاروباري ادارن ۽ ڪمپنين کي خبردار ڪندي چيو آهي، ته اهي ڪميشن کان اڳواٽ اجازت حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڪي به اهڙا ڪاروباري معاهدا ڪرڻ کان پاسو ڪن، جيڪي چٽاڀيٽي واري ڪميشن جي قانون جي خلاف هجن. قانون موجب اهڙا ڪاروباري واپاري معاهدا جن ۾ چٽاڀيٽي واري ڪميشن جي قانون جي خلاف ورزي ڪئي ويندي، انهن تي ساڍا ست ڪروڙ روپيا يا ڪمپني جي ساليانو ٽرن اوور جي 10 سيڪڙو تائين ڏنڊ لڳائي سگهجي ٿو. ڪميشن جي مشاهدي ۾ آيو آهي، ته ڪيتريون ئي ڪمپنيون پنهنجي هول سيلرز، ڊيلرز، ايجنٽس ۽ ريٽيلرز سان اهڙا معاهدا ڪري رهيون آهن، جن ۾ ڪمپني جي نان ڊيلرز سان ڪاروبار نه ڪرڻ جهڙا شرط شامل هوندا آهن. ڪميشن واضح ڪيو آهي، ته مختلف سطحن تي ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن، ڪمپنين، ڊسٽريبيوٽرز ۽ هول سيلرز وچ ۾ اهڙا معاهدا جيڪي مارڪيٽ ۾ هڪجهڙائي کي روڪڻ يا متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجن، بنيادي طور تي پابندي ڪيل تصور ڪيا ويندا آهن، جيستائين انهن کي ڪميشن پاران باقاعده ڇوٽ نه ملي، ڪميشن پاران ڇوٽ صرف ان ئي صورت ۾ ڏني ويندي آهي جڏهن ڪميشن جي جائزي موجب معاهدو پيداوار، تقسيم، ڪارڪردگي، يا ٽيڪنيڪل ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿئي. ڪمپنيون ايڪٽ جي سيڪشن 5 تحت ڪميشن ۾ ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿيون. چٽاڀيٽي واري ڪميشن جو بنيادي مقصد سمورن اقتصادي شعبن ۾ آزاد ۽ منصفاڻي مقابلي کي هٿي وٺائڻ آهي، ته جيئن مارڪيٽ ۾ نواڻ ۽ اثرائتي ڪارڪردگي جي حوصلا افزائي ٿي سگهي.