اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ۾ برڪينا فاسو جي نامزد سفير محمدي ڪابوري سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. هي ان جو پاڪستان جو پهريون سرڪاري دؤرو هو، سفير ڪابوري تهران ۾ رهندڙ آهي ۽ اتان پاڪستان لاءِ سفارتي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سفير پاڪستان ۾ برڪينا فاسو جو مستقل سفارتي مشن قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته برڪينا فاسو اسلام آباد سان لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير برڪينا فاسو جي سفير کي دعوت ڏني ته هو آگسٽ ۾ ڪراچيءَ ۾ رٿيل فوڊ اي جي نمائش ۾ شرڪت لاءِ هڪ ڪاروباري وفد پاڪستان اُماڻي. هن چيو ته ان قسم جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون ۽ واپار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ملاقات ۾ سفير پنهنجي هم منصب طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ واپار واري وزير کي برڪينا فاسو جي دؤري جي دعوت ڏني. هن 7 کان 11 جون تائين برڪينا فاسو ۾ ٿيندڙ ڪاروباري فورم ۾ پاڪستان جي شرڪت جي درخواست به ڪئي، جيڪو واپاري موقعن ۽ حصيداريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ منعقد ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير مختصر وقت جي نشاندهي ڪندي خاطري ڪرائي ته پاڪستاني ڪاروباري نمائندن کي موڪلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو، جيڪڏهن جون ۾ شرڪت ممڪن نه ٿي ته هڪ ڌار واپاري وفد بعد ۾ موڪليو ويندو. ڄام ڪمال خان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود واپاري ڳاڻيٽو ناڪافي آهي، ان ۾ واڌ لاءِ نون شعبن جي ڳولا ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان آفريقي ملڪن کي گهٽ لاڳت ٽريڪٽرز ۽ زرعي مشينري برآمد ڪري رهيو آهي ۽ برڪينا فاسو سان به ان نوعيت جي تعاون جي وڏي گنجائش موجود آهي.