اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)پاڪستان جي سيمنٽ ۽ ڪلنڪر روانگي واپار جي چٽاڀيٽي کي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم طور وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ ڪالهه سيمنٽ ۽ ڪلنڪر روانگي واپار جي ٽاسڪ فورس جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيمنٽ سيڪٽر جي روانگي واپار کي وڌائڻ ۽ موجوده چئلينجز جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي توجهه ڏني وئي. حڪومت ۽ صنعت جي نمائندن گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سيمنٽ سيڪٽر جي روانگي واپار جي چٽاڀيٽي کي بهتر بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ اهم مسئلا جهڙوڪ ايڪسل لوڊ ٽيڪس، ذخيره اندوزي، بندرگاهن جي رش ۽ ريلوي ڪنيڪٽوٽي تي غور ڪيو ويو. هارون اختر چيو ته حڪومت سيمنٽ انڊسٽري کي روانگي واپار ۾ موجود رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ لاءِ مڪمل تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته حڪومت سيمنٽ انڊسٽريءَ کي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مڪمل معاونت ڏيندي. هن سمورن لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته مسئلن جي حل لاءِ گڏجي تعاون ۽ هم آهنگيءَ سان ڪم ڪن ۽ چيو ته سمورن ڌُرين وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي. پاڪستان جي عالمي سيمنٽ مارڪيٽ ۾ پوزيشن کي مضبوط بنائڻ لاءِ خاص مددگار هڪ متحد ۽ مسلسل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته اسان کي پنهنجي سيمنٽ جي عالمي چٽاڀيٽي وڌائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو.