اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان مختلف بار ايسوسيئيشنز جي وفدن جي ملاقات ڪئي. ترجمان موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار، راولپنڊي هاءِ ڪورٽ بار جا وفد ملاقات ۾ شريڪ هئا. چڪوال، جهنگ، حافظ آباد، ڊسڪه، وزير آباد، سمندري، حسن ابدال ڪلور ڪوٽا ۽ اٽڪ بارز جي نمائندن به وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي ڪيترن ئي بار ايسوسيئيشنز کي گرانٽس ان ايڊچيڪس جاري ڪيا ويا. وفاقي وزير چيو ته وڪيلن جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت پُرعزم آهي. بارز جي فلاح بهبود حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي اڳواڻيءَ ۾ بار ايسوسيئيشنز لاءِ مؤثر قدم کنيا ويا آهن. بار رومز جي رنگ روغن ۽ سهولتن جي فراهميءَ لاءِ تعاون ڪيو ويو. وفاقي وزير بارز جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن مدد جي عزم کي ظاهر ڪيو.