اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته شڪر ادا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان کي سرخرو ڪيو ۽ اسان جي نبي پاڪﷺ به اسان کي اهوئي درس ڏنو ته حق ۽ باطل جي جنگ ۾ فتح تي الله جو شڪر ادا ڪريون. هو هتي شڪراني واري ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته ڪافر سمجهندا هئا ته مسلمان تمام ڪمزور آهن، دشمن جي مقابلي ۾ جشن ملهائڻ ضروري آهي، ان جنگ ۾ پوري قوم متحد ٿي جنگ کان اڳ تنقيد به ڪئي ويندي هئي، دشمن جڏهن اسان کي للڪاريو ته قوم شيهي جي ڀت بڻجي وئي. هن چيو ته ڪاميابيءَ کانپوءِ هاڻ اسان کي آرام سان ناهي ويهڻو، دشمن بلوچستان ۾ ٻارن تي حملو ڪيو، مودي سرڪار تڪبر ۾ عالمي قانون ۽ روايتن جي ڀڃڪڙي ڪئي. ڪشمير جي خاص حيثيت ۽ سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي ڀڃڪڙي وئي وئي. هن چيو ته پاڪ فوج، قوم ۽ حڪومت ان ڪاميابيءَ تي مبارڪن جا حقدار آهن. دشمن پنهنجي مشن جو نالو سندور ۽ اسان قرآني آيتن موجب بنيان مرصوص نالو رکيو. وفاقي وزير چيو ته سيد عاسم منير فيلڊ مارشل جي عهدي جو حقدار هو. ايئر چيف جو والد تمام وڏو ديني عالم هو، جڏهن به مسلمانن ۽ غير مسلمن جو مقابلو ٿيندو ته مؤمن فولاد بڻجي ويندو آهي. اسان هزاره صوبي جي تحريڪ هلائي رهيا آهيون، پنهنجي علائقي جي مسئلن کي به اجاگر ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ميڊيا پاڪ ڀارت جنگ ۾ تمام مثبت ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جي ميڊيا ڀارت جي ميڊيا کي شڪست ڏني. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ڪوبه نقصان نٿو پهچائي سگهي. اسان امن چاهيون ٿا، شروعات ڀارت ڪئي، اسان جوابي ڪارروائي ڪئي. پاڪستان جي فتح تي سڀني غير ملڪي مسلمانن به مون کي مبارڪون ڏنيون آهن.