اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ ”اسٽرينٿن انسٽي ٽيوشنز فار ريفيوجي ايڊمنسٽريشن (سيرا) منصوبي جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ ڪشمير، جي بي ۽ سيفران وارو سيڪريٽري ظفر حسن، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪامران رحمان خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران چيف ڪمشنر ۽ لاڳاپيل آفيسرن سيرا منصوبي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ان تي عملدرآمد بابت تازي معلومات فراهم ڪئي. وفاقي وزير امير مقام منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي سمورن سينيئر آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪم جي رفتار کي تيز ڪن ته جيئن منصوبي تي وقت سر عملدرآمد يقيني بنائي سگهجي. هن ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته سيرا منصوبي جو بنيادي مقصد سڄي پاڪستان ۾ پناهگيرن ۽ ميزبان ڪميونٽيز جي مؤثر انتظام لاءِ اداره جاتي صلاحيت کي بهتر بنائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته مضبوط انتظامي نظام جي جوڙجڪ، پناهگيرن ۽ انهن کي پناهه ڏيندڙ ڪميونٽيز کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ نهايت اهم آهي. هن عالمي معيار موجب هڪ فعال ۽ مؤثر پناهگير انتظامي نظام جي تعمير لاءِ حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي منصوبي جي هدفن کي مؤثر ۽ پائيدار طريقي سان حاصل ڪرڻ جي عزم سان ٿيو.