اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز ۽ سينيٽر علي ظفر سميت ٻين ميمبرن چيو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ طئي ٿيل عالمي معاهدو آهي ۽ پاڪستان کي ان تي ڪا به مفاهمت نه ڪرڻ گهرجي. هنن زور ڀريو ته پاڪستان کي ڀارت خلاف پاڻي جي مسئلي تي هڪ موثر قانوني ۽ سفارتي ڪيس تيار ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته ڀارت پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ دهشتگردي سميت هر ممڪن حربو استعمال ڪندو، پر اسان ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جي اجازت نه ڏينداسين، ڀارت جي ساک عالمي سطح تي متاثر ٿي چڪي آهي. سينيٽر علي ظفر ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جو مسئلو دهشتگردي وانگر هڪ قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي چڪو آهي، هن جو چوڻ هو ته هي صرف حڪومت جو مسئلو ناهي پر پوري قوم جو مسئلو آهي. جيڪڏهن اسان پاڻي جي بحران جو موثر حل نه ڳوليو ته اسان بک ۽ اڃ مري وينداسين. هن چيو ته رپورٽن موجب پاڪستان تيزي سان پاڻي جي کوٽ طرف وڌي رهيو آهي. ڀارت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو طئي ٿيل عالمي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي ٿو. قانوني طور تي ڀارت کي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو ڪو اختيار حاصل ناهي. سينيٽر علي ظفر چيو ته هي هڪ آئيڊل موقعو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کي ڀارت جو اصل چهرو ڏيکاري. هن چيو ته ڀارت جو اهو الزام آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۾ ملوث رهيو آهي، پر سنڌ طاس معاهدي جي نوعيت اهڙي آهي جو ان طرح جي الزامن جي بنياد تي به پاڻي بند نٿو ڪري سگهجي. هن وضاحت ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي جنگيون ٿي چڪيون آهن، پر ان مان ڪنهن هڪ موقعي تي به سنڌ طاس معاهدي سان هٿ چراند نه ڪئي وئي. هي معاهدو ڪنهن به جنگ کان مٿانهون آهي ۽ عالمي قانونن جي روشني ۾ ڪڏهن به معطل نٿو ٿي سگهي. سينيٽر علي ظفر وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي احتياط ۽ تدبر سان اڳتي وڌڻو پوندو ته جيئن ڀارت جي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کي موثر انداز ۾ بي نقاب ڪري سگهجي. هن مطالبو ڪيو ته پاڪستان حڪومت فوري طور تي ان مسئلي کي گڏيل قومن، انصاف واري عالمي عدالت ۽ ٻين عالمي ادارن ۾ اٿاري ۽ ڀارت جي غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير انساني حرڪتن جو ڀرپور جواب ڏي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، سينيٽر ڊاڪٽر همايون خان مهمند سميت ٻين ميمبرن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو ان معاملي کي عالمي فورمز تي موثر طريقي سان اٿاري ۽ پاڪستان جي پاڻي جي حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪري.