اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي مالياتي معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي، منصوبابندي، قانون، فوڊ سيڪيورٽي ۽ اقتصادي معاملن ڊويزن وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي جو مقصد قومي مالياتي معاهدي جي موثر لاڳو ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي جيڪو وفاقي حڪومت کي درپيش مالياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. ڪميٽي وفاقي مالياتي وسيلن جي بنياد کي بهتر بڻائڻ ۽ وڌائڻ جي طريقن تي غور ڪيو. ڪميٽي وفاقي حڪومت کي درپيش موجوده مالياتي چئلينجز جو قابل عمل حل ڳولڻ جي عزم تي زور ڏيندي قومي مالياتي معاهدي سان پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.