اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيٽر شيري رحمان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حنا رباني کر شامل هيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي اهم گادي وارن شهرن ۾ پاڪستاني موقف کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڀارتي جارحيت ۽ اشتعال انگيز ايجنڊا کي دنيا جي سامهون رکڻ جي حوالي سان وزيراعظم کان رهنمائي ورتي. بلاول ڀٽو زرداري ان قومي سفارتي ڪم جي حوالي سان مٿس اعتماد ڪرڻ ۽ کيس پاڪستاني وفد جي قيادت ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته توهان جي قيادت ۾ هي وفد پاڪستان جو موقف ۽ بيانيو ڀرپور ۽ موثر طريقي سان دنيا آڏو پيش ڪندو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي شامل هئا.