معرڪه حق ۾ ڪاميابي کانپوءِ معاشي ميدان ۾ تاريخي فتح جي لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ پوري پاڪستاني قوم پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معرڪه حق ۾ ڪاميابي کانپوءِ معاشي ميدان ۾ تاريخي فتح جي لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ پوري پاڪستاني قوم پرعزم آهي، ڪاروباري قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جهڙا قدم کنيا پيا وڃن، ٽيڪس چوري قطعي طور قابل قبول نه آهي ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. …

اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معرڪه حق ۾ ڪاميابي کانپوءِ معاشي ميدان ۾ تاريخي فتح جي لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ پوري پاڪستاني قوم پرعزم آهي، ڪاروباري قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جهڙا قدم کنيا پيا وڃن، ٽيڪس چوري قطعي طور قابل قبول نه آهي ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس جي صدرن جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته معرڪه حق ۾ ڪاميابي کانپوءِ معاشي ميدان ۾ تاريخي فتح جي لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ پوري پاڪستاني قوم پرعزم آهي، حڪومت ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان پاڪستان انشاءَ الله جلد هڪ عالمي معاشي طاقت جي طور اڀرندو. هن چيو ته معاشي پاڻڀرائپ جي لاءِ نجي شعبي کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني ڪاروباري برادري جي حقن جو تحفظ ۽ انهن کي منافعو ڏيندڙ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، ڪاروبار جي لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ آسان ڪاروبار جي پاليسي تي عملدرآمد ڪري رهيا آهيون، ڪاروباري قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جهڙا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪس چوري قطعي طور قابل قبول نه آهي ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، ملڪي صنعتن ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرڻ جي ضرورت آهي، عورت ڪاروباري ماڻهن جو ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته حڪومت عورت ڪاروباري کي معاشي سرگرمين ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪن. وفد معرڪه حق ۾ تاريخي فتح حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد حڪومت جي صحيح معاشي پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ ترتيبوار بهتري تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد جي ميمبرن ڳالهائيندي چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪارڪردگي گذريل ٻن سالن کان ترتيبوار بهتر ٿي آهي، جيڪا ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته حڪومتي معاشي پاليسيون صحيح رخ ۾ گامزن آهن. ملاقات ۾ وفد ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن ۾ پاڪستان حڪومت کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. وفد جي ميمبرن ايف بي آر ۾ ڪيل سڌارن کي ساراهيو ۽ انهن کي وڌيڪ بزنس فرينڊلي بڻائڻ جون تجويزون پيش ڪيون. وفد ايندڙ مالي سال جي لاءِ پنهنجون بجيٽ تجويزون پڻ پيش ڪيون. وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير کي انهن تجويزن تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ترقي ۽ منصوبنادي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، صنعت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پيٽروليم وارو وزير علي پرويز ملڪ، ريلويز وارو وفاقي وزير حنيف عباسي، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.

مزید خبریں