نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام 2025ع ۽ 2026ع بابت ڪميٽي جي اجلاس

اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام 2025ع ۽ 2026ع بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي، اقتصادي معاملن ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي وزيرن، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص معاون، منصوبابندي واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن جي …

اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام 2025ع ۽ 2026ع بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي، اقتصادي معاملن ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي وزيرن، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص معاون، منصوبابندي واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پلاننگ ڪميشن پي ايس ڊي پي جي جاري منصوبن جي صورتحال، ايندڙ مالي سال جي لاءِ تجويز ڪيل ترجيحن ۽ عملدرآمد ۾ درپيش چئلينجز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ مالياتي رڪاوٽن جي وچ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ۽ پي ايس ڊي پي جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۽ قابل عمل سفارشون پيش ڪرڻ جي لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پي ايس ڊي پي جون ترجيحون ٺوس سماجي ۽ اقتصادي فائدن خاص طور تي روزگار جي تخليق، غربت ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي برابري جي فراهمي ضروري آهي جيڪو وزيراعظم جي ”اڏار پاڪستان“ جي ويزن سان هم آهنگ ۽ جدت تي ٻڌل ترقي جي لاءِ آهي. اجلاس ۾ جن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي انهن ۾ توانائي، ٽرانسپورٽ، پاڻي، زراعت، ٽيڪنالاجي، انفراسٽرڪچر ۽ سي پيڪ فيز ٽو تحت اسٽريٽجڪ قدم شامل آهن جن جو ڌيان محروم علائقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ تي مرڪوز آهي.

مزید خبریں