اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)گهرو معاملن ۽ منشيات جي روڪٿام واري وزارت ٿائيلينڊ کي بدنام ڪرڻ ۽ ان کي انساني اسمگلنگ جي نيٽ ورڪس سان ڳنڍڻ واري سوشل ميڊيا مهم کي ”گمراهه ڪندڙ ۽ غلط“ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن گهرو وزارت ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول طرفان هتي جاري خط موجب ٿائيلينڊ انساني اسمگلنگ جو مرڪز ناهي، ان بدران دوکيباز ۽ اسمگلر پنهنجي مفاد لاءِ معصوم ماڻهن کي …
گهرو وزارت پاران ٿائيلينڊ کي بدنام ڪرڻ ۽ ان کي انساني اسمگلنگ جي نيٽ ورڪس سان ڳنڍڻ واري سوشل ميڊيا مهم”گمراهه ڪندڙ ۽ غلط“ قرار

مزید خبریں
اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)گهرو معاملن ۽ منشيات جي روڪٿام واري وزارت ٿائيلينڊ کي بدنام ڪرڻ ۽ ان کي انساني اسمگلنگ جي نيٽ ورڪس سان ڳنڍڻ واري سوشل ميڊيا مهم کي ”گمراهه ڪندڙ ۽ غلط“ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن گهرو وزارت ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول طرفان هتي جاري خط موجب ٿائيلينڊ انساني اسمگلنگ جو مرڪز ناهي، ان بدران دوکيباز ۽ اسمگلر پنهنجي مفاد لاءِ معصوم ماڻهن کي دوکو ڏيڻ ۽ ان جو استحصال ڪرڻ لاءِ ملڪ جي نالي جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. گهرو وزارت ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي ڪوڙن واعدن کان هوشيار رهن ۽ پاڻ کي ۽ ٻين کي انساني اسمگلنگ جي خطرن کان بچائين. گهرو زوارت چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان کي اسمگلنگ جو شڪ آهي يا اوهان کي مدد جي ضرورت آهي ته فوري طور اختيارين کي ان جو اطلاع ڏين. اها ايڊوايئزري پاڪستاني نوجوانن کي انساني اسمگلرن ۽ دوکيبازن جي درپيش خطرن کان آگاهه ڪرڻ جي حڪومت جي ڪوششن جي حصي طور سامهون آئي آهي. گهرو وزارت انساني اسمگلنگ جي لعنت کي منهن ڏيڻ لاءِ مهم شروع ڪرڻ، حڪومتن ۽ عالمي تنظيمن ۽ سول سوسائيٽي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي جي اهميت تي زور ڀريو.










