ڀارت 10 مئي تي مليل شڪست قيامت تائين ياد رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 10 مئي تي پاڪ فوج قوم جي اتحاد ۽ اتفاق سان ڀارت کي جيڪا شڪست ڏني دشمن ان کي قيامت تائين ياد رکندو. هو مري روڊ انٽرچينج جناح اسڪوائر جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي وفاقي وزير حنيف عباسي، طارق فضل چوڌري، طلال چوڌري کانسواءِ سي ڊي …

اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 10 مئي تي پاڪ فوج قوم جي اتحاد ۽ اتفاق سان ڀارت کي جيڪا شڪست ڏني دشمن ان کي قيامت تائين ياد رکندو. هو مري روڊ انٽرچينج جناح اسڪوائر جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي وفاقي وزير حنيف عباسي، طارق فضل چوڌري، طلال چوڌري کانسواءِ سي ڊي اي ۽ اسلام آباد پوليس جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آئُون هڪ ڀيرو ٻيهر قوم کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، 10 مئي تي پاڪ فوج پنهنجي بهترين حڪمت عملي ۽ بهادري سان ڀارت کي جيڪا شڪست ڏني اها الله تعاليٰ جو خاص انعام ۽ مهرباني آهي. هن چيو ته قوم جي اتحاد ۽ اتفاق جي شاندار تاريخ دشمن قيامت تائين ياد رکندو. وزيراعظم جناح اسڪوائر جي منصوبي جي 35 ڏينهن ۾ تڪميل تي سي ڊي اي، لاڳاپيل ڪمپني جي ذميوارن ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان مختصر عرصي ۾ منصوبي جي تڪميل آسان ڪم نه هو. هن وفاقي گادي واري شهر جي انتظاميا ۽ سي ڊي اي کي وڌيڪ چُستي، محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ ۽ اسلام آباد کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اهو منصوبو 35 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي ته جيئن شهرين جي لاءِ گهٽ کان گهٽ مشڪلاتون پيدا ٿين. منصوبي جي تعميراتي معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويو ۽ بهترين ۽ معياري تعمير کي يقيني بڻايو ويو. هن چيو ته فيض آباد چوڪ تي پل کي ويڪرو ڪرڻ، شاهين چوڪ ۽ ڪشمير چوڪ سميت ڪيترن ئي ٻين منصوبن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. واضح رهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رڳو 35 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ انڊر پاس پراجيڪٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي هدايت تي لينڊ اسڪيپنگ ۽ هارٽيڪلچر جو ڪم جاري آهي. ان منصوبي سان مري ويندڙ شهرين کي اچ وڃڻ ۾ تمام گهڻي سهولت ملندي. وقت سان گڏ شهرين کي ٻارڻ جي پڻ بچت ٿيندي. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا پراجيڪٽ جي تڪميل بابت بريفنگ ڏني.

مزید خبریں