اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آءِ ايم ايف اسرندڙ ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام سان ملڪ ۾ معاشي ترقي کي فروغ ملندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جهاد الظهور جي قيادت ۾ عالمي مالياتي اداري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. …
آءِ ايم ايف اسرندڙ ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آءِ ايم ايف اسرندڙ ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام سان ملڪ ۾ معاشي ترقي کي فروغ ملندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جهاد الظهور جي قيادت ۾ عالمي مالياتي اداري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ ٿيا. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ جاري آءِ ايم ايف پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. هن پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ آءِ ايم ايف جي ڪردار کي ساراهيو. وفد پاڪستان ۾ معآسي سڌارن ۽ عالمي مالياتي اداري جي پروگرام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفد چيو ته پاڪستان جي لاءِ عالمي مالياتي اداري جو پروگرام صحيح رخ ۾ گامزن آهي، آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان ۾ ناڻي واڌ، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ مالياتي خساري ۾ استحڪام اڻڻ ۾ مدد ملي آهي. صدر پاڪستان سان تعاون ڪرڻ تي عالمي مالياتي اداري جا ٿورا مڃيا ۽ معيشت جي بهتري لاءِ ناڻي واري وزارت ۽ ان جي ٽيم جي قدمن کي ساراهيو.










