اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم پاران راجسٿان ۾ تازي عوامي خطاب دوران هنيل بي بنياد، اشتعال انگيز ۽ غيرذميواراڻي الزامن کي واضح لفظن ۾ رد ڪندي چيو آهي ته ڪوڙ، غلط بيانين ۽ اشتعال انگيز بيانن سان ڀريل انهن جُملن جو واضح مقصد تنگ سياسي فائدي جي لاءِ علائقائي ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙي طرح …
پاڪستان پاران ڀارتي وزيراعظم جا راجسٿان ۾ تازي عوامي خطاب دوران هنيل بي بنياد، اشتعال انگيز ۽ غيرذميواراڻا الزام رد

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم پاران راجسٿان ۾ تازي عوامي خطاب دوران هنيل بي بنياد، اشتعال انگيز ۽ غيرذميواراڻي الزامن کي واضح لفظن ۾ رد ڪندي چيو آهي ته ڪوڙ، غلط بيانين ۽ اشتعال انگيز بيانن سان ڀريل انهن جُملن جو واضح مقصد تنگ سياسي فائدي جي لاءِ علائقائي ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙي طرح جا بيان نه رڳو عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿا پر ذميوار رياستي نظام جي اصولن جي پڻ خلاف ورزي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڌمڪين جو سهارو وٺڻ ۽ هڪ خودمختيار ملڪ جي خلاف فوجي ڪارروائي تي فخر ڪرڻ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي قائم ڪيل اصولن جي سنگين خلاف ورزي اهي، اهو خطرناڪ رويو علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ هڪ مستقل ۽ فعال حصيدار آهي، پاڪستان کي دهشتگردي جي ڪاررواين سان ڳنڍڻ جو ڪو به الزام حقيقت ۾ غلط ۽ واضح طور تي گمراهه ڪندڙ آهي، اهو هڪ حربو آهي جيڪو اڪثر ڀارت پنهنجي اندروني چئلينجن خاص طور تي پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جابراڻي پاليسين تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ استعمال ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي پردو وجهڻ چاهي ٿو، ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد کي جارحاڻي بيان بازي ۽ سياسي ڏُڪار سان لڪائي نه ٿو سگهجي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي قيادت تي زور ڏنو ته اها ذميواري ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري، وڌندڙ بيان ۽ جارحاڻو انداز ڇڪتاڻ کي وڌائڻ کانسواءِ ڪو ٻيو مقصد پورو نه ٿو ڪري. هن چيو ته ڀارت کي فرضي بيانيي جو سهارو وٺڻ ۽ چونڊ فائدو کڻڻ جي لاءِ جنگجو ارادن جو سهارو وٺڻ بدران پرامن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل طلب تڪرارن کي حل ڪري پختگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. بيان موجب پاڪستان پرامن گڏيل بقاءَ، علائقائي استحڪام ۽ تعميري مشغوليت جي لاءِ پرعزم آهي. جڏهن ته اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پاڪستان جي عوام ۽ ان جي هٿياربند فوج ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار ۽ اهل آهي. ترجمان واضح ڪيو ته ڪنهن به مهم جوئي يا جارحيت جو پرعزم ۽ متناسب جواب ڏنو ويندو. پاڪستان ماضي ۾ به پنهنجي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ٻيهر به ڪندو. عالمي برادري کي ڀارت جي جارحاڻي انداز ۽ نفرت تي ٻڌل بيانيي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي جنهن سان علائقائي امن کي خطرو آهي. بيان مجب ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ اهڙي بيان بازي ۽ قدمن جي حوصلا شڪني ضروري آهي، تڪرارن جو ذڪر ڪرڻ سان ڪنهن کي فائدو ناهي ٿيندو ۽ پائيدار امن جو رستو ڳالهه ٻولهه، گڏيل احترام ۽ عالمي قانون جي پاسداري ۾ لڪل آهي.










