اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪستان ڀارتي ڪوڙ، دوکي، ڏاڍ ۽ ڀارتي اڳرائي جي حقيقت ظاهر ڪئي، اهو اسان جي ڪلچر، قدرن ۽ مذهب خلاف آهي ته اسان ڪنهن مذهبي يا شهري آبادي تي حملو ڪيون، ٻن مخالف ايٽمي ملڪن وچ ۾ جنگ …
پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جو پاڻي بند ڪرڻ ممڪن ناهي، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي ته اسان جو رد عمل ان کان به وڌيڪ تيز ۽ شديد هوندو: ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو الجزيره ٽي وي کي انٽرويو

مزید خبریں
اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪستان ڀارتي ڪوڙ، دوکي، ڏاڍ ۽ ڀارتي اڳرائي جي حقيقت ظاهر ڪئي، اهو اسان جي ڪلچر، قدرن ۽ مذهب خلاف آهي ته اسان ڪنهن مذهبي يا شهري آبادي تي حملو ڪيون، ٻن مخالف ايٽمي ملڪن وچ ۾ جنگ جو تصور ئي خطرناڪ ۽ کل جوڳو آهي، صرف ڪو عقل جو انڌو ئي اهو سوچي سگهي ٿو ته هو پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جو پاڻي بند ڪري سگهي ٿو، اهو ممڪن ناهي، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي ته اسان جو رد عمل ان کان به وڌيڪ تيز ۽ شديد هوندو. اهڙو اظهار هن الجزيره ٽي وي کي هڪ انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اسان هميشه چوندا آهيون ته هي جنگ اسان جي آهي، پر فتح الله تعاليٰ جي آهي. جيڪڏهن اوهان پاڪستان جي گهٽين، شهرن ۾ وڃو ته عوام جي چهرن تي جواب موجود آهي هو خوشي ۽ جشن ملهائي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته هي صرف عسڪري ميدان جي ڳالهه ناهي، نه ئي صرف فضائي يا زميني جنگ جي ڳالهه آهي، پر هي بيانيه ۽ سچائي جي جنگ (معرڪه حق) جي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي ڪوڙ، دوکي، ڏاڍ ۽ ڀارتي جارحيت جي حقيقت ظاهر ڪري ڇڏي. پهلگام کانپوءِ ڀارت هڪ هٿ ٺوڪي ڪهاڻي کڻي آيو، پاڪستان رڳو هڪ ڳالهه چئي ته جيڪڏهن اوهان وٽ اسان جي ڪنهن شهري يا رياست سان تعلق جو ڪو ثبوت آهي ته سامهون آڻيو ۽ اهو به عالمي برادري يا ڪنهن ٽئين اعتماد جوڳي ڌر آڏو آڻيو ته جيئن شفاف جاچ ٿي سگهي، پر ڀارت وٽ ڪو جواب نه هو ۽ اڄ تائين ناهي. ايستائين جو ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن سندن پرڏيهي وزارت چيو ته جاچ اڃان جاري آهي ته 6 ۽ 7 تاريخ تي جيڪو هُنن ڪيو ان جو انهن وٽ ڪو اخلاقي جواز ناهي رهيو. هن چيو ته اسان شفاف رهياسين، سچ ڳالهايو، ڪوڙ نه ڳالهايو، ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش نه ڪيو، ٻئي طرف دنيا ڏٺو ته ڀارت جي ميڊيا ۽ رياست پاڻ معلومات جي جنگ ۾ ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. پروپيگنڊا ۽ ڪوڙيون دعوائون ڪري رهيو هو، هن وٽ ترقي يافته ٿيٽر ۽ فلم انڊسٽري آهي جيڪا پاڪستان کان اڳيان آهي، ان جي مدد سان هو روز نوان بيانيه گهڙيندا رهندا آهن، مثال ڪالهه ئي مون ٻڌو ته ڀارت چئي رهيو هو ته پاڪستان گولڊن ٽيمپل تي حملو ڪيو ان کان وڌيڪ ڪوڙ ٻيو ٿي نٿو سگهي، اسان سکن جي مقدس ماڳن جهڙوڪ ننڪانه صاحب، پنجه صاحب ۽ ٻين مذهبي ماڳن جي حفاظت ڪندا آهيون، ڪرتار پور صاحب جو احترام ڪندا آهيون، اسان پنهنجي سک ڀائرن سان محبت ڪريون ٿا، پنجاب (پاڪستان ۽ ڀارت) ۾ گڏيل ثقافت، ٻولين ۽ ويجهڙائي آهي. پاڪستان جي مسلمانن ۽ سکن وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، اسان گولڊن ٽيمپل جهڙي مقدس ماڳ تي حملو ڇو ڪنداسين؟ اهو اسان جي ثقافت ، قدرن ۽ مذهب جي خلاف آهي ته اسان ڪنهن مذهبي يا شهري آبادي تي حملو ڪريون.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي پنهنجي اعليٰ آفيسرن ۽ جرنيلن کي ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ آڻيندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارتين جي ڳالهين تي ڪيئن يقين ڪريون؟ کين پهرين پنهنجو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو جيڪو سچ ڳالهائڻ سان ايندو آهي نه وري هزارين ويب سائيٽس بند ڪرڻ ۽ ميڊيا تي پابندي لڳائڻ يا حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي جيل ۾ وجهڻ سان. ڇا پاڪستان ان تڪرار ۾ ڪنهن صحافي کي جيل ۾ وڌو؟ بلڪل به نه. اسان کي ٽنهي هٿياربند فوجن ۾ هم آهنگي، اتحاد ۽ قومي يڪجهتي سان گڏوگڏ پنهنجي فضائيه ۽پائيلٽس تي فخر آهي. ان فوجي تڪرار ۾ پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن ۾ هم آهنگي سان گڏوگڏ سياسي قيادت ۽ پاڪستاني عوام وچ ۾ به هڪ مضبوط هم آهنگي ڏسڻ لاءِ ملي. هن چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ڀارتي جارحيت خلاف متحد مزاحمت هئي. پاڪستان ايئر فورس اسان جو فخر آهي. 6 ۽ 7 تاريخ جي رات جو فضائي جنگ پوري دنيا ڏٺي، جيڪا ڏهاڪن تائين فضائي جنگي ڪاليجن ۽ فوجي ادارن ۾ پڙهائي ۽ بحث هيٺ آندي ويندي. اسان پنهنجي پائليٽس جي پيشيوراڻي مهارت کي سلام پيش ڪريون ٿا. جي ايف -17 ٿنڊر، جي -10 سي ۽ زمين تي فتح -1 ۽ فتح- 2 ميزائل هي سڀ پاڪستان جي فني ترقي جو مثال آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي روايتي فوجن جي مڪمل طاقت اڃان تائين استعمال ئي ناهي ڪئي. ان جو وڏو حصو بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڀارت جي حمايت يافته دهشتگردن خلاف مصروف آهي. دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت هن خطي ۾ سڀ کان وڏو دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ملڪ آهي. اسان بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز مان هڪ به فوجي ناهي هٽايو. اسان پنهنجي سموري ٽيڪنالاجي به ظاهر ناهي ڪئي. ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آمريڪا، چين، سعودي عرب، قطر، متحده عرب امارات ۽ ٻيون عالمي طاقتون ڄاڻين ٿيون ته ٻن مخالف ايٽمي ملڪن وچ ۾ جنگ جو تصور ئي انتهائي خطرناڪ ۽ خوفناڪ آهي. ڀارت ڪيترن ئي سالن کان جنگي جنون ۾ ورتل آهي جيڪو باهه سان کيڏڻ جي برابر آهي. هو هڪ اهڙو ماحول بڻائي رهيو آهي جيڪو گڏيل تباهي جو سبب بڻجندو. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان دانشمندي کان ڪم ورتو ۽ ان پوري تڪرار ۾ ڇڪتاڻ کي وڌڻ نه ڏنو. جنگ بندي جو مطلب آهي ته ٻنهي ڌرين فائرنگ بند ڪري ڇڏي، پر امن تڏهن ايندو جڏهن ڀارت پنهنجي جنگي جنون ۾ ورتل سياسي سوچ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. هن چيو ته ڀارتي اشرافيه مسلمانن ۽ اقليتن خلاف ظلم تي يقين رکي ٿي جيڪو هڪ سنگين مسئلو آهي. ڀارت ۾ صرف مسلمانن تي ئي نه پر عيسائين، سکن ۽ هيٺين ذاتين وارن تي به ظلم ٿيندو آهي، ان ظلم سان قدرتي طور تي رد عمل پيدا ٿيندو آهي، جنهن کي ڀارت حل ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو. جيستائين ڀارت پنهنجي اندروني مسئلن کي حل نٿو ڪري، امن ممڪن ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪشمير هڪ حل طلب عالمي مسئلو آهي جنهن ۾ پاڪستان، چين ۽ ڀارت شامل آهن، ان کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي مرضي موجب حل ٿيڻ گهرجي. ڀارت ان مسئلي کي ظلم ذريعي اندروني معاملو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر، امن ان رستي ممڪن ناهي. هن چيو ته ڪو عقل کان خالي ئي اهو سوچي سگهي ٿو ته هو پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جو پاڻي بند ڪري سگهي ٿو، اهو ممڪن ناهي، اسان کي اها حقيقت سمجهڻ گهرجي ته ڪشمير مان 6 درياءَ نڪرن ٿا ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، جيڪڏهن سڀاڻي ڪشميري عوام جي خواهش موجب ڪشمير پاڪستان ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ته هي سمورا دريا پاڪستان جا هوندا ۽ ڀارت دريائن جي کوٽ واري رياست بڻجي ويندو ۽ پوءِ اهو اسان جي مٿان هوندو ته ان کي ڪيئن ڏسڻو آهي جڏهن ته چين به ان تڪرار ۾ هڪ ڌر آهي. ڀارت کي سمجهڻ گهرجي ته هو ڪهڙي باهه سان کيڏي رهيو آهي. پاڪستان ۽ چين ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مختلف شعبن ۾ حصيدار آهن. پاڪستان، چين ۽ ٻيون ذميوار قومون امن لاءِ ڪوششون ڪنديون آهن، پاڪستان پنهنجي جنگ پاڻ وڙهي، جيڪڏهن ڀارت ۾ خود داري آهي ته هو به پنهنجي جنگ پاڻ وڙهي. ڀارتين کي به خودداري سکڻ گهرجي ۽ ڪوڙ ۽ جارحيت تي ڀاڙڻ نه گهرجي. جڏهن ڀارت کلي عام جارحيت ڪئي ته اسان ان جي سامهون ڄمي بيٺاسين ۽ اڄ به بيٺل آهيون، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي ته اسان جو رد عمل ان کان به وڌيڪ تيز ۽ شديد هوندو.










