سمورا مقرر هدف حاصل ڪرڻ ۽ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي کانپوءِ پاڪستان لاءِ قسط جاري ڪئي وئي آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته سمورا مقرر هدف حاصل ڪرڻ ۽ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي کانپوءِ پاڪستان لاءِ قسط جاري ڪئي آهي. اميد آهي ته خطي ۾ استحڪام لاءِ مسئلن جو پر امن حل ڪڍيو ويندو. عالمي مالياتي فنڊ جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جولي ڪوزاڪ واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي تڪرار دوران ضايع ٿيل …

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته سمورا مقرر هدف حاصل ڪرڻ ۽ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي کانپوءِ پاڪستان لاءِ قسط جاري ڪئي آهي. اميد آهي ته خطي ۾ استحڪام لاءِ مسئلن جو پر امن حل ڪڍيو ويندو. عالمي مالياتي فنڊ جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جولي ڪوزاڪ واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي تڪرار دوران ضايع ٿيل قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان اميد رکون ٿا ته خطي ۾ استحڪام جي قيام لاءِ مسئلن جو پر امن حل ڪڍيو ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ سيپٽمبر 2024ع ۾ پاڪستان لاءِ توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) پروگرام جي منظوري ڏني هئي، ان وقت پهرين جائزي لاءِ 2025ع جي ٽه ماهي جو وقت مقرر ڪيو ويو هو. ان تقريب موجب 25 مارچ 2025ع تي آءِ ايم ايف جي ٽيم ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ پهرين جائزي لاءِ اسٽاف سطح جو معاهدو ٿيو جنهن کي ايگزيڪيٽو بورڊ آڏو پيش ڪيو ويو ۽ 9 مئي تي بورڊ ان جائزي کي مڪمل ڪيو. جائزي جي تڪميل کانپوءِ پاڪستان کي لاڳاپيل قسط جاري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته قرض پروگرامن تحت بورڊ پاران وقت به وقت جائزو وٺڻ هڪ معمول جو عمل آهي ته جيئن ڏسي سگهجي ته پروگرام درست رخ ۾ وڃي رهيو آهي يا نه، شرط پورا ٿي رهيا آهن يا نه ۽ ڇا ڪا پاليسي ۾ تبديلي جي ضرورت آهي ته جيئن پروگرام کي ٻيهر درست رخ ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي حوالي سان بورڊ تسليم ڪيو آهي ته پاڪستان سمورا مقرر هدف حاصل ڪري ورتا آهن ۽ سڌارن جي سلسلي ۾ پڻ اڳڀرائي ڪئي آهي. ان لاءِ بورڊ پروگرام جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته بورڊ ۾ ووٽنگ يا فيصلا سازي جا تفصيل عوامي سطح تي جاري نه ڪيا ويندا آهن، عام طور تي آءِ ايم ايف بورڊ پنهنجا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪندو آهي ۽ ان معاملي ۾ پڻ ايترو اتفاق موجود هو ته بورڊ جائزو مڪمل ڪرڻ ۽ پروگرام کي اڳيان وڌائڻ لاءِ راضي ٿي ويو. هن چيو ته آءِ ايم ايف پاران ميمبر ملڪن کي ادائيگين جي توازن بابت مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي ويندي آهي، توسيعي فنڊ سهولت پروگرام تحت ڏنل سموري رقم اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي وارن ذخيرن ۾ شامل ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اتفاق راءِ تحت پروگرام ۾ حڪومت پاران اسٽيٽ بئنڪ کان ڪو به قرض نه وٺڻ ۽ مالي نظم و ضبط بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي ڍانچيوار شرط شامل آهن.

مزید خبریں