27 مئي اڱاري جي شام جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان ناهي، پاڪستان ۾ پهرين ذوالحج خميس تي ٿيندي: خالد اعجاز مفتي

لاهور-23 مئي (اي پي پي) چنڊ ڏسڻ بابت ريسرچ ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي چيو آهي ته اڱارو 27 مئي جي شام جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان ناهي، پاڪستان ۾ پهرين ذوالحج خميس 29 مئي تي ٿيندي، جڏهن ته عيدالضحيٰ ڇنڇر 7 جون تي ٿيندي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ خالد اعجاز مفتي چيو ته نئون چنڊ اڱارو 27 مئي تي پاڪستاني وقت موجب 8 لڳي …

لاهور-23 مئي (اي پي پي) چنڊ ڏسڻ بابت ريسرچ ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي چيو آهي ته اڱارو 27 مئي جي شام جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان ناهي، پاڪستان ۾ پهرين ذوالحج خميس 29 مئي تي ٿيندي، جڏهن ته عيدالضحيٰ ڇنڇر 7 جون تي ٿيندي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ خالد اعجاز مفتي چيو ته نئون چنڊ اڱارو 27 مئي تي پاڪستاني وقت موجب 8 لڳي 2 منٽن تي پيدا ٿيندو، 29 ذوالقعد يعني اڱارو 27 مئي جو شام سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر چنڊ ڏسڻي ڪميٽي لاءِ 19 ڪلاڪن کان وڌيڪ هجڻ گهرجي، اها پاڪستان جي سمورن علائقن ۾ 12 ڪلاڪن کان به گهٽ هوندي. جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ پهرين ذوالحج خميس 29 مئي تي ٿيندي.

مزید خبریں