اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن موجوده علائقائي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.