اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آپريشن بُنيانِ مرصوص دوران قوم جي فرزند فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي، انتهائي گهٽ وقت ۾ جارح دشمن کي پنهنجي گوڏن تي جهُڪڻو پيو ۽ ان کي سڄي زندگي جي لاءِ سبق سيکاريو ويو، اسان امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهي اتحاد ۽ عزم سان اڳتي وڌندا رهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي بيٽن آف فيلڊ مارشل عطا ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي بيٽن آف فيلڊ مارشل جو اعزاز عطا ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ قومي فخر جو ڏينهن آهي ۽ ملڪ جي لاءِ ان جي تاريخي اهميت آهي، اسان پنهنجي قومي هيروز کي سلام پيش ڪريون ٿا، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف بهادر هٿياربند فوج جي قيادت ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي دشمن ڀارت جي تڪبر ۽ غرور کي خاڪ ۾ ملائي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي هٿياربند فوج نه رڳو ملڪي سرحدن جو دفاع ڪيو پر دشمن جي سرحدن جي اندر وڃي جنگ وڙهي ۽ انتهائي گهٽ وقت ۾ جارح دشمن کي پنهنجي گوڏن تي جهُڪڻو پيو ۽ ان کي سڄي زندگي جي لاءِ سبق سيکاريو ويو. هن چيو ته علائقائي تڪرار ۽ سفارتڪاري جي هن مشڪل دور ۾ اسان کي ان ڪامياب فوجي فتح کي اخلاقي ۽ سفارتي فتح جي طور تي ياد رکڻ گهرجي. هن چيو ته اها انتهائي نمايان ڪاميابي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دليراڻي ۽ بي خوف قيادت جي ڪري حاصل ٿي، هن اڻٿڪ عزم سان هٿياربند فوج جي قيادت ڪئي، الله تعاليٰ جي مهرباني سان قوم کي اها شاندار فتح حاصل ٿي جيڪا سدائين ياد رکي ويندي. هن چيو ته اسان اڄ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خدمتن جو اعتراف ڪري رهيا آهيون، سندس ملڪ جي لاءِ قابل قيادت، بلند حوصلو ۽ شاندار خدمتون آهن، ان کي انتهائي باوقار فوجي اعزاز بيٽن آف فيلڊ مارشل سان نوازيو پيو وڃي، سندس جي ڪمان ۾ آپريشن بُنيانِ مرصوص ۽ ملڪي سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ سندس بلند حوصلو جنگ جي تاريخ ۾ سدائين نمايان رهندو ۽ نئون نسل ان مان حوصلي افزائي حاصل ڪندو. هن چيو ته ان بحران دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پرسڪون ۽ متاثر ڪندڙ قيادت جو مظاهرو ڪيو جيڪو بهادري، ويزن، يقين، دورانديشي، نظم ۽ ضبط ۽ عزم جو عمده مثال آهي، اهو پوري قوم جي لاءِ هڪ مثال آهي جڏهن عسڪري ۽ سياسي قيادت گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪيو، اهڙي طرح جي گڏيل ڪوششن ۽ اڻٿڪ عزم سان معاشي چئلينجز ۽ غيرملڪي سرپرستي ۾ سڀ کان وڏي خطري دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، گذريل ڏينهن خضدار ۾ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو، آئون پوري قوم پاران ملڪ جي فرزند جي خدمتن جو اعتراف ڪريان ٿو جنهن پاڪ فوج جي لاءِ شاندار روايتن کي فروغ ڏنو، سندس خدمتون سدائين اسان جي تاريخ ۾ زندهه رهنديون، اسان امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهي اتحاد ۽ عزم سان اڳتي وڌندا رهنداسين. تقريب ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽ ميمبرن، سروسز چيفس، غيرملڪي سفيرن، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي وڏن وزيرن ۽ صوبائي گورنرز سميت اعليٰ عسڪري ۽ سياسي عملدارن شرڪت ڪئي.